Mangroves – Sindhi


Sindhi


Tamar kay Ajayebaaat

Tamar kay janglaat ki ehmiyat

Pakistan mein Tamar ki Iqsaam

Zair-e-aab Gehwara

تمر جا ٻيلا

تمر جا ٻيلا لڏ پلاڻ (ھجرت) ڪندڙ پکين کي بہ حفاظت ۽ کاڌ خوراڪ جا گهڻائي وسيلا پيش ڪندا آھن. ڇا ڪاڻ تہ اھي ٻيلا سامونڊي پاڻيءَ ۾ وڌندا آھن، انھيءَ ڪري اِھي زمين جي شڪاري جانورن کان محفوظ جاءِ سمجهيا ويندا آھن. ڪجهہ لڏ پلاڻ ڪندڙ پکي تہ تمر جي ٻيلن ۾ پنھنجا آکيرا بہ ٺاھيندا آھن، ٻيا ھن ٻيلي جي ڌٻڻ واري ميدان ۾ مڇيون، جهينگا ۽ کيکڙا شڪار ڪندا آھن. فليمنگو پاڻيءَ کان کاڌ خوراڪ حاصل ڪندا آھن جڏھن تہ اڇا ٻگهہ ۽ مڇيون کائيندڙ ٻيا پکي تہ چالاڪ شڪاري آھن. شڪاري پکي بہ آسان شڪار جي ڳولاھہ ۾ نڪرندا آھن.

پليو

اڇو ٻگهہ

ڪارمورنٽ

فليمنگو

ھڪ لِڪيل شڪاري

تمر جا ٻيلا سڀني لاءِ محفوظ جاءِ ناھن، ڇا ڪاڻ تہ ھن ۾ ھڪ چالاڪ شڪاري بہ موجود آھي، ھڪ ناياب مڇي کائيندڙ ٻِلي. اھي وچولي سائز جي ٻلي ھوندي آھي جيڪا تمر جي ٻيلن جي ماحولياتي نظام ۾ ھڪ زبردست شڪاري آھي.

مڇي کائيندڙ ٻلي

گپَ جا واسي

مڊ اِسڪپرز ۽ گپَ ۾ رھندڙ کيکڙا (مڊ ڪِرَيبس) ھن ڌٻڻ واري ميدانن ۾ ٻِرَ ٺاھيندا آھن ۽ پنھنجي کاڌ خوراڪ ۽ حفاظت جي لاءِ وِيرن تي ڀروسو ڪندا آھن. جڏھن سمنڊ لھندو آھي تي اھي پنھنجي ٻِرن ۾ لِڪي ويندا آھن ۽ جڏھن سمنڊ چڙھندو آھي تہ ٻاھر نڪري ايندا آھن. تمام وڏي وِير اچي تہ اھي پنھنجي حفاظت جي لاءِ تمر جي وڻ جي پاڙن کان مٿي چڙھي ايندا آھن.

گپَ ۾ رھندڙ کيکڙا

مڊ اسڪپرز

پاڻيءَ ھيٽا گهرَ

مڇيون ۽ جهينگا پنھنجي پرورش جي لاءِ تمر جي ٻيلن ۾ جايون ٺاھيندا آھن. اھي تمر جي الجهيل پاڙن ۾ آنا لاھيندا آھن جيئن اھي شڪارين کان محفوظ رھن.

جهينگا

مڇي

پاڪستان ۾ تمر جا قسمَ

سڀ کان عام اڇو تمر (Avicennia Marina) آھي، جيڪو سڀ تمر جي ٻيلن جو 90 سيڪڙو آھي. ھن کان پوءِ وريل پاڙون رکندڙ تمر (Rhizophora Mucronate) ايندو آھي، جيڪو تمر جي ڪُل ٻيلن جو 8 سيڪڙو آھي. ھن جي وڻڪاري جي ڪوششون ھلن ٿيون. باقي 2 سيڪڙو ٻہ قسمون آھن: ڪارو تمر (Aegiceras Corniculatum) 1.5 سيڪڙو ۽ ڪَنڊن وارو يا ھندوستاني تمر (Ceriops Tagal) 0.5 سيڪڙو آھي.

ايويسينا مرينا

سيريئپس ٽاگا

رائزوفورا مڪروناٽا

ايجيسيرس ڪورنيڪوليٽم

تمر جا عجوبا

مينگرووز يعني تمر اصل ۾ اھڙا ٻُوٽا ۽ ننڍا وڻَ آھن جيڪي ڌٻڻ واري علائقن ۾ سمنڊ ۾ ايندڙ ويرن جي جاين تي پيدا ٿيندا آھن، مطلب اھڙيون جايون جِتي مِٺو ۽ کارو پاڻي ملندو آھي. اھي وڻ ھن ماحول ۾ ٺھي چُڪا آھن.

پتن تي موجود لوڻ جا غدود لوڻ ڪڍندا آھن

پراڻي پتن جي ڪِرڻ کان پھريان ھنن تي لوڻ جي پرت جمع ٿي سگهي ٿي

وير چڙھڻ تي پاڻي جي سطح

پاڙون ٿُڙ کان ئي ھيٺ لھنديون آھن جيئن وڻ کي گهڻي ٽيڪ ملي

تمر جي ڪجهہ وڻن ۾ پاڙ تي خاص جهلي ھوندي آھي جيڪا لوڻ کي پاڙ ۾ گهرڻ کان جهليندي آھي.

ساھہ کڙندڙ پاڙون پاڙن جي ڄار کان مٿي اُٿنديون آھن.

پاڙن جو ڄار ٿُڙ مان نڪرندو آھي. چڱي طرح کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اھي پاڙون وريل پاڙن مان نڪرنديون آھن ۽ ھڪ مضبوط پليٽ فارم ٺاھينديون آھن.

آڪسيجن پاڙ جي نرم رڳن کان وڻ جي باقي حصي ۾ ڦھلندي آھي.

تمر جا اثرَ

پنھنجي ماحول کان ٺھڻ جي زبردست صلاحيت تمر جي ٻيلن کي بايو ڊائيورسٽي جي منفرد جاءِ ٺاھيو آھي. اھا بايو ڊائيورسٽي سنڌو درياھہ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ موجود تمر جي ٻيلن سان گڏ رھندڙ آبادي کي ٽيڪ ۽ حفاظت ڏيندي آھي. ھڪ اندازي موجب ھڪ ھيڪٽر تمر جي ٻيلي کان سالَ ۾ 100 ڪلو مڇي، 25 ڪلو جهينگا ۽ 15 ڪلو کيکڙن جو گوشت پيدا ٿيندو آھي.

ھن سان گڏوگڏ تمر جا ٻيلا ڇولين جي اثرن کي بہ جهليندا آھي ۽ گپَ واري علائقن ۾ پنھنجي گهاٽيون پاڙون ڄمائي سمنڊ کي زميني علائقن ۾ دخل ڏيڻ کان بچائيندا آھن.

تمر جي ٻيلن جي اھميت

تمر جي ٻيلا پاڪستان جي لاءِ تمام اھم آھن. اھي ھزارين قسمن جي جاندارن کي رھڻ جي لاءِ جايون ڏيندا آھن، سامونڊي پٽيءَ کي مضبوط ڪندا آھن، سمنڊ کي زميني ۽ ڇور جي علائقن ۾ دخل ڏيڻ کان جهليندا آھن ۽ وڌندڙ ڇولين ۽ طوفانن کان زميني علائقن جي حفاظت ڪندا آھن. تمر جي ٻيلن جو ماحولياتي نظام گهڻا ئي اھم سماجي ۽ معاشي فائدا رکي ٿو، جيئن تہ ڪاٺيون، مڇيون ۽ سياحت جا موقع.

تمر جا ٻيلا سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي سان گڏ موجود آھن جنھن جو سڀني کان وڏو علائقو سنڌو درياھہ جو ڇوڙ واري علائقو آھي.

TDF is registered under Societies Registration Act, 1860. It is also certified by Pakistan Centre for Philanthropy (PCP) and maintains the status of Not-for-Profit Organization (NPO) under sub-clause (c) of clause (36) of section 2 of the Income Tax Ordinance, 2001.